SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


وڻجارپ جو نظريو- واپاري سرشتو


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


وڻجارپ جو نظريو- واپاري سرشتو

Mercantilism

مرڪئنٽلزم

بين الاقوامي معاشيات سان لاڳاپيل هي اصطلاح، جاڳرتا واري دور ۽ صنعتي انقلاب واري وچين صديءُ ۾ ان وقت نسريو، جڏهن يورپي واپار سامونڊي حدون پار ڪري دُنيا ۾ ڦهليو ۽ اُن جي ذريعي آخرڪار يورپ سڄي دُنيا مٿان حاڪميت قائم ڪئي. هن اصطلاح جي بين الاقوامي لاڳاپن ۾ اهميت ان ڪري وڌي، جو ڏٺو ويو ته ڪنهن به رياست جي معاشي پاليسي، نه رڳو اُن جي قومي مُفادن تي اثر انداز ٿئي ٿي، پر اها پاليسي طبقاتي برتريءُ جي حوالي سان به ڪارائتي آهي. هي تصورمعاشيات جي ابي ’آدم سمٿ‘ (Adam smith) جي تصور ”آزاد معيشيت“ جي بلڪل اُبتڙ آهي. ڇاڪاڻ ته آدم سمٿ واپار ذريعي بين الاقوامي سهڪار کي هٿي ڏيڻ جي حمايت ڪئي، جڏهن ته ”مرڪئنٽلزم“ ذاتي ۽ گروهي مفادن جي حاصلات کي اهميت ٿي ڏئي. هن نظريي مطابق رياست کي پرڏيهه وڌيڪ مال موڪلڻ ۽ اُتان کان مال گهٽ خريد ڪرڻ کپي، ته جيئن آسپاس جي رياستن مٿان معاشي مٿڀرائي حاصل ڪري سگهجي. ان پاليسيءَ کي ”پاڙيسريءَ کي واپار ذريعي ڦُري فقير ڪرڻ“ (Beggar-My-Neigbhour) واري پاليسيءَ جو نالو ڏنو ويو. ان کان علاوه هن نظريي ذريعي، قيمتي ڌاتو لڪائي رکڻ (Bullionism) واري روش کي به هٿي ملي. جنهن مطابق، ادائگين ۾ توازن لاءِ ضروري آهي، ته سون، چاندي ۽ ٻيا ڌاتو ڍڳ ڪري لڪائي رکجن، ته جيئن محفوظ ناڻي جي ذخيرن هُجڻ ڪري، معيشيت ۾ استحڪام رهي. جيتوڻيڪ قيمتي ڌاتن جي لڪائي رکڻ ۽ اُنهن جي معيشيت ۾ واري ڦيري نه ڪرڻ سان، مُلڪي واپار تي ناڪاري اثر پئي پيا، پر واپاري ذهنيت کي ان ڳالهه سان ڪا دلچسپي نه هُئي. البت سندن اها ڳالهه ته معاشي سگهه، رياستي سگهه کي سگهارو ڪندي ۽ جنگي صلاحيت لاءِ خارجي واپار جي پُٺيءَ جي ڪنڊي واري حيثيت هُجڻ تي، سياسي توڙي جنگي علمن جا ماهر متفق هوندي به وسيلن ۽ دولت کي لڪائي رکڻ واري سندن خيال سان سهمت نه آهن.بهرحال دُنيا جي اڪثر دانش- ورن جو خيال آهي، ته ابتدائي دور ۾ ”مرڪئنٽلزم“ بين الاقوامي تعلقات ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ واپاري واسطيدارين کي سياسي لاڳاپن ۾ تبديل ڪرڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي


Remember Me Also:

مندو منگڻ

مَندو منگَڻُ

مدو گهرڻ.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal